ڊاڪٽر اجمل ساوند

ڊاڪٽر اجمل ساوند

اجمل ساوند ڊاڪٽر

اجمل ساوند، ڊاڪٽر: تعليمدان ۽ اسڪالر ڊاڪٽر محمد اجمل ولد عبدالرزاق ساوند جو جنم 18 جولائي 1982ع تي گلشير محلي تعلقي ڪنڌڪوٽ، ضلعي ڪشمور ۾ ٿيو. ڪئڊٽ ڪاليج ڪنڌڪوٽ مان انٽر ڪرڻ کان پوءِ مھراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ بي اِي (B.E) جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ جين مونيٽ يونيورسٽي سينٽ ايٽائين فرانس مان، ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس، جڏهن ته ساڳي ئي شعبي ۾ پئرس، ڊيسڪارٽس يونيورسٽي، پئرس، فرانس مان پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع آرٽيفيشل انٽيليجنس (مصنوعي ذهانت) هو. پي ايڇ ڊي ڪرڻ کانپوءِ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ ڪجهه عرصي لاءِ رياضي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي شعبي ۾ بطور اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ريسرچ ايسوسيئيٽ ٿي رهيو. هن کي سنڌي، اردو، سرائڪي، بلوچي، انگريزي ۽ فرينچ زبانن تي عبور حاصل هو. پئرس ڊيسڪارٽس يونيورسٽي طرفان کيس سال 2013ع-2014ع لاءِ ريسرچ ڪميشن ۾ پي ايڇ ڊي جي شاگردن جي نمائندگي لاءِ چونڊيو ويو. ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ’شاهه بھارو هائوس‘ ميگزين جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڪيترائي مقالا بين الاقوامي تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. فرانس يونيورسٽي ڇڏڻ کانپوءِ ترت سنڌ ۾ اچي سکر آئي بي اي يونيورسٽيءَ ۾ بطور اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪم ڪرڻ لڳو. 6 اپريل 2023ع تي جيئن ئي ڊاڪٽر اجمل ساوند پنھنجي اباڻي زمين تان واپس گهر اچي رهيو هو ته رستي ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن کيس گاڏيءَ مان لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، هڪ پروفيسر ۽ تعيلمي ماهر جي شھادت تي سنڌ سميت ملڪي ۽ بين الاقوامي ميڊيا جي ادارن پاران هن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.07.18  عيسوي

تعليمدان ۽ اسڪالر ڊاڪٽر محمد اجمل ولد عبدالرزاق ساوند جو جنم 18 جولائي 1982ع تيگلشير محلي تعلقي ڪنڌڪوٽ، ضلعي ڪشمور ۾ ٿيو.


2023.04.06  عيسوي

6 اپريل 2023ع تي جيئن ئي ڊاڪٽر اجمل ساوند پنھنجي اباڻي زمين تان واپس گهر اچي رهيو هو ته رستي ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن کيس گاڏيءَ مان لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيسر حافظ محمد اسماعيل
اي آر بلوچ
زرغونه
سيد ملا مير سبزواري
جمن دربدر
سردار بهادر محمد بخش ڪوجھي
اسراڻ غلام محمد خانبهادر
ابوالحسن
ايم اي قاضي ڊاڪٽر
اڪبر خميسو خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون